حڪيم محمد واصل درس

حڪيم محمد واصل درس: ٺٽي جو رهواسي محمد واصل ولد رحمت الله درس پنهنجي وقت جو ناميارو عالم، فاضل ۽ بهترين شاعر ٿي گذريو آهي. هن جي شاعري اعليٰ پايي جي آهي. هن پنهنجي ڪلام تي مبني هڪ مثنوي ’گلزار واصل‘ ترتيب ڏني، جنهن ۾ سندس 7518 شعر شامل هئا. هن مثنويءَ ۾ سسئي پنهونءَ جو داستان منظوم ٿيل آهي. سندس مثنوي مڙني شاعراڻين خوبين جو ڀنڊار معلوم ٿئي ٿي. هن مثنويءَ کان سواءِ غزل جي صنف ۾ پڻ شاعري سرجي آهي.


لفظ حڪيم محمد واصل درسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو